SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تڪرار روڪ عمل


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


تڪرار روڪ عمل

Conflict Prevention

ڪانفلڪٽ پريوينشن

سفارتڪاريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ هي اصطلاح، ڪنهن تڪراري صورتحال کي تشدد ڀريي جهيڙي ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ، يا جنگ جي ٻيهر امڪان کي روڪڻ ۽ ڌُرين وچ ۾ جهيڙي کي سنگين ٿيڻ کان بچائڻ جي حوالي سان مُختلف معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي. سفارتڪاريءَ ۾ تدارڪي سفارتڪاري (Preventine Diplomacy) يا ”تڪرار جي روڪٿام“ (Crisis Prevention) جهڙن اُپائن ذريعي، ٻن ڌُرين کي تمام وڏي تباهيءَ ۽ نقصان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. انهن اپائن سبب، عام طور ساڳيائپ ڀري صورتحال (Status-quo) پيدا ٿي پوندي آهي ۽ مُلڪن وچ ۾ جنگين وغيره ۾ ماٺار اچڻ سان گڏ، ادارتي سطح تي رابطا ڪاري ڪرڻ، مذاڪراتي سلسلي کي جيئارڻ ۽ تڪراري ڌُرين جي حصي پتيءَ تي سهمتي پيدا ٿيڻ لڳندي آهي. ”تڪرار روڪ“واري عمل لاءِ ضروري آهي. ته سڀ کان پهرين تڪرار بابت مُڪمل معلومات حاصل ڪري، اُن جو مُناسب ڇيد ڪيو وڃي ۽ اهڙي حڪمت عملي جوڙي وڃي، جنهن سان تڪرار جو حل ۽ ٽياڪڙيءَ لاءِ سازگار ماحول جُڙي سگهي. حقيقتون معلوم ڪرڻ (Fact Finding) رابطاڪاري، مشورا، چڪاس، رپورٽون ۽ حالتن تي نظر رکڻ وارا پهلو، ان سلسلي ۾ انتهائي ڪارائتا ثابت ٿيندا آهن. اهي تڪراري معاملي بابت مُناسب وقت ۽ موقعي جي فراهمي ممڪن بڻائيندا آهن. ڪنهن به تڪرار کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ، رڳو اخلاقي هدايتون ڪرڻ ۽ زميني حالتن، سيڪيورٽي مفادن، پناهگيرن جي ڏُکيائن کي جواز ۽ دليل طور اختيار ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، پر ان ڏس ۾ ٽيڪنيڪل ۽ انساني صلاحيتن کان گهربل مدد وٺڻ، تڪرار جي نتيجن تي نظروجهڻ، سماجي رابطن ۾ تيزي آڻڻ ۽ علاقائي سلامتيءَ وارن پهلوئن تي غور ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي. عام طور تي تڪرار کان بچڻ جو عمل هڪ ذميواريءَ بجاءِ مرحلي طور بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان معاملي ۾ بين الاقوامي تنظيمون توڙي اڻ-ڌريون رياستون، صورتحال جي تقاضا مطابق هنگامي سنجيدگي نٿيون ڏيکارين. ان ڪري ضروري آهي، ته تڪراري رياستن اندر موجود ڌُريون وڌيڪ وڏ-پڻي جي جذبي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ جاکوڙين، ته جيئن تڪرار چاهيندڙ رياست تي اندروني طور به دٻاءُ وجهي سگهجي. ان دٻاءَ سان حُڪومتي حلقا هڪدم هوشيار ٿي وڃن ٿا ۽ عوامي دٻاءُ کي نظر انداز ڪرڻ جي نتيجن تي ويچار ڪندي، هاڪاري فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا. ان حوالي سان تڪراري معاملن تي نظر وجهڻ سان، ان ڳالهه جي اهميت پاڻ وڌيڪ چٽائيءَ سان ثابت ٿي وڃي ٿي. صوماليا وارو بُحران ان ڏس ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ 1990ع ۾ ئي بين الاقوامي برادريءَ کي صوماليا ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال کان آگاهي هُئي، پر ان بحران جي خاتمي ۾ لاپرواهيءَ ۽ سستيءَ سبب، بعد ۾ جيڪا انساني جانين توڙي معيشيت جي حوالي سان ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي، اُن دُنيا جي مڙني ادارن ۽ حلقن کي ڇرڪائي ڇڏيو.


Remember Me Also:

بلٽ

ذ. [انگ. ]bolt دروازي بند ڪرڻ جو ڪُنڍو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal